تازہ ترین

فوجي عدالت تي اعتراض آهي ته فوجي ٽرائل غير جانبدار نه هوندا آهن: جسٽس محمد علي مظهر

اسلام آباد (نيشنل ڊيسڪ) فوجي عدالت تي اعتراض آهي ته فوجي ٽرائل غير جانبدار نه هوندا آهن. جسٽس محمد علي مظهر جا سپريم ڪورٽ جي آئيني بينچ ۾ فوجي ڪورٽن ۾سويلينز جي ٽرائل خلاف انٽرا ڪورٽ اپيل جي ٻڌڻي دوران رمارڪس.

جسٽس محمد علي مظهر چيو ته اعتراض اهو به آهي ته فوجي ڪورٽن ۾ ٽرائل ڪندڙ قانوني تجربو نه ٿا رکن.

ڇا فوجي عدالت کي عدليه طور تسليم ڪندا آهيو؟ جيڪڏهن عدليه تسليم ڪريو ٿا ته نتيجا مختلف هوندا.

جسٽس منيب فوجي عدالت کي عدليه نه لکيو، وڪيل عابد زبيري چيو ته جنرل ضياءُ الحق ايف بي علي جو فوجي ٽرائل ڪيو.

جنرل ضياءُ الحق 1978 ۾ ايف بي علي کي آزاد ڪيو، جسٽس جمال مندوخيل ريمارڪس ڏنا ته ضياءُ الحق اهو ڪيو جيڪو ايف بي علي ڪرڻ چاهيندو هو.

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.