تازہ ترین

صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم شهباز شريف پاران بنون ڪينٽ تي دهشتگرد حملي جي مذمت

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم شهباز شريف پاران بنون ڪينٽ تي دهشتگرد حملي جي مذمت.

صدر ۽ وزيراعظم جو چوڻ هو ته رمضان المبارڪ جي مقدس مهيني ۾ افطار دوران حملو ڪڌو عمل آهي.

صدر آصف علي زرداري جو چوڻ هو ته سموري قوم اهڙن ڪڌين ڪاررواين کي رد ڪري ٿي، خارجين جي خاتمي لاءِ ڪارروايون جاري رکڻ لاءِ پرعزم آهن.

وزيراعظم شهباز شريف طرفان بنون ڪينٽ تي خارجين جو حملو ناڪام بڻائڻ ۽ دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪرڻ تي سڪيورٽي فورسز کي ڀيٽا پيش ڪئي.

سندس چوڻ هو ته رمضان ۾ معصوم شهرين کي نشانو بڻائيندڙ ڊڄڻا دهشتگرد ڪنهن رعايت جا حقدار ناهن، دهشتگردن جي ناپاڪ ارادن کي ڪڏهن به ڪامياب ٿيڻ نه ڏنا ويندا.

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.