تازہ ترین

سنڌ سرڪار صوبي ۾ عورتن لاءِ اليڪٽرڪ اسڪوٽي جلد متعارف ڪرائڻ لاءِ سرگرم

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ سرڪار صوبي ۾ عورتن لاءِ اليڪٽرڪ اسڪوٽيز جلد متعارف ڪرائڻ لاءِ سرگرم.

سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ سان اليڪٽرڪ اسڪوٽي ٺاهيندڙ چيني واپاري وفد جي ملاقات ڪئي.

ان موقعي تي سنڌ ۾ اليڪٽرڪ اسڪوٽي متعارف ڪرائڻ ۽ ٽرانسپورٽ کي جديد بنيادن تي آڻڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

چيني وفد جي ٽرانسپورٽ شعبي ۾ سيڙپڪاري ۾ دلچسپي ظاهر، سينيئر صوبائي وزير طرفان اليڪٽرڪ وهيڪلز جو مينوفيڪچرنگ پلانٽ قائم ڪرڻ جي تجويز پيش ڪيو ويو

شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته سنڌ سرڪار صوبي جي عورتن کي وڌيڪ بااختيار بڻائڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي.

نوڪري سان لاڳاپيل عورتن ۽ شاگردياڻين کي هڪ هزار اسڪوٽيز جلد فراهم ڪرڻ سنڌ حڪومت جو منصوبو آهي.

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.