ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملير ۾ اسٽيل مل انتظاميا سيڪنڊري جي امتحانن دوران اسڪول کي تالو هڻي بند ڪري ڇڏيو.
اسٽيل مل انتظاميا ڇھين کان اٺين ڪلاس جا پيپر ھجڻ باوجود علامه اقبال اسڪول کي تالا لڳائي ڇڏيا.
شاگرد ۽ شاگردياڻيون پيپر ڏيڻ لاءِ پهتا ته اسڪول جي مک دروازي کي تالو لڳل هو، شاگردن جي احتجاج بعد انتظاميا تالو کوليو.
استادن ۽ ماسترياڻين جو چوڻ آهي ته اسٽيل مل انتظاميا کين نوڪرين مان جبري نيڪالي ڏيڻ بعد ھزارين اسڪولي ٻارڙن جو مستقبل داءُ تي لڳائڻ چاھي ٿي.
اسڪول بند ڪيا ويا ته ھزارين شاگرد ۽ شاگردياڻيون تعليم جي زيور کان محروم ٿي ويندا.