تازہ ترین

95 سيڪڙو علائقن کي گئس ڏني پئي وڃي، 5 سيڪڙو علائقن مان شڪايتون اچي آهن: ايس ايس جي سي ترجمان

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي سميت سنڌ جي مختلف شهرن ۾ سحري ۽ افطاري مهل گئس جي بندش، عوام ڏکيائين جو شڪار.

ڪراچي جي لياقت آباد بي ايريا، فيڊرل ڪيپٽل ايريا ۽ نارٿ ناظم آباد سميت مختلف علائقن ۾ گئس فراهمي بند ٿي وئي.

حيدرآباد ۽ ميرپورخاص جي مختلف علائقن ۾ به گئس جي بندش سبب سحري ۽ افطاري ۾ ڏکيايون پيش.

ايس ايس جي سي جي ترجمان گئس بندش جي ترديد ڪندي چيو آهي ته گئس فراهمي معمول مطابق جاري آهي.

سندس چوڻ هو ته 95 سيڪڙو علائقن کي گئس ڏني پئي وڃي، رڳو 5 سيڪڙو علائقن مان شڪايتون اچي رهيون آهن.

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.