تازہ ترین

سنڌ حڪومت واضح ڪري چڪي ته سنڌوءَ تي ڪو ڪينال نه ٺهندو: شرجيل انعام ميمڻ

ٽنڊو ڄام (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته سنڌ حڪومت واضح چئي چڪي آهي ته ڪو به ڪينال نه ٺهندو.

پيپلزپارٽي جي واضح موقف بعد انهن تحريڪن جو ڪو فائدو ناهي، ڪينالن تي ڪو تحريڪ هلائڻ چاهي ٿو ته اهو ان جو جمهوري حق آهي، پر معاملي تي ڪوڙ ڳالهائي عوام کي ورغلايو پيو وڃي.

ٽنڊي ڄام ۾ 100 ماڻهن کي سولر سسٽم ورهائڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي شرجيل انعام ميمڻ جو چوڻ هو ته سنڌ حڪومت پارٽي قيادت جي حڪم تي عوام جي خدمت ڪري پئي.

2 لک کان وڌيڪ خاندانن کي بنا ڪنهن فرق جي سولر سسٽم ڏنو پيو وڃي، مستحق ماڻهن ۾ سولر سسٽم ورهائڻ بلاول ڀٽو زرداري جو ويزن آهي.

شرجيل ميمڻ چيو ته بلاول ڀٽو زرداري اهي ڪم ڪيا آهن، جيڪي تاريخ ۾ ڪنهن ناهن ڪيا، بجلي جا ڳرا بل برداشت نه ڪندڙن کي سولر سسٽم ڏنو پيو وڃي.

سنڌ جي سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته سولر سسٽم ڪنهن امير يا زميندار کي نه پرغريبن ۽ هارين کي ملندو.

ان موقعي تي صوبائي وزير ناصر شاهه جو چوڻ آهي ته عوام جي خدمت پيپلزپارٽي جي پهرين ترجيح آهي، پيپلزپارٽي سنڌ ۾ 2 هزار کان وڌيڪ سيٽون حاصل ڪيون.

ناصر حسين شاهه جو چوڻ هو ته ايندڙ اليڪشن ۾ به پيپلزپارٽي اڪثريت سان ڪاميابي حاصل ڪندي، ملڪ جو ايندڙ وزيراعظم بلاول ڀٽو زرداري هوندو.

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.