تازہ ترین

ڏيڍ ڪلاڪ برفاني ڇپ هيٺان دٻيل شخص کي بچايو ويو

ڪولوراڊو (انٽريسٽنگ ڊيسڪ) آمريڪا جي 22 سالا ايڊن ڪرافٽ کي ڏيڍ ڪلاڪ برفاني ڇپ هيٺان پوريل رهڻ کان پوءِ به جيئرو بچايو ويو.

پرڏيهي ميڊيا موجب 20 فيبروريءَ تي ايڊن ڪرافٽ پنهنجي دوستن ۽ ڪٽنب سان ڪولوراڊو جي هانس چوٽيءَ تي سنو موبلنگ ڪري رهيو هو ته مٿس برفاني ڇپ ڪرڻ جو واقعو پيش آيو.

ايڊن ڪرافٽ موجب هو پهريان به هانس چوٽي تي وڃي چڪو آهي پر سڌي لاهي هئي، ۽ هو چوٽيءَ تائين پهچڻ چاهي پيو پر ان جي گروپ جي چند ماڻهن جبل جي چوٽيءَ تي پهچڻ لاءِ جبلن جي هڪ سيريز تي ڦاسي پيا هئا، ته هن فيصلو ڪيو ته چوٽيءَ تي پهچڻ لاءِ ڪو سولو رستو ڳوليو وڃي.

هو پنهنجي سنو موبائيل تي سوار ٿي لڳ ڀڳ 10 هزار فٽ جي مٿانهين تي پهتو ته کيس خيال آيو ته شايد کيس چوٽيءَ تي اڪيلو نه وڃڻ گھرجي، جنهن بعد هن هيٺ لهڻ جو فيصلو ڪيو ان دوران مٿس برفاني ڇپ ڪري پئي ۽ هو ان ۾ دٻجي ويو.

اينڊن ڪرافٽ موجب برفاني ڇپ ڪرڻ کان پوءِ سندس اوليت پنهنجي ريڊيو ڳولڻ هو جنهن ۾ هن 10 منٽ لڳايا ۽ خوش قسمتيءَ سان هو پنهنجي گروپ کي ڪال ڪرڻ ۾ ڪامياب ويو.

هن پنهنجي گروپ کان مدد طلب ڪئي ۽ پنهنجي جسم کي حرڪت ۾ رکڻ لاءِ برف کي پنهنجي ڄنگھن تان هٽائڻ شروع ڪيو ۽ 80 منٽن بعد کيس ٽيم طرفان بچايو ويو.

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.