تازہ ترین

منهنجو اي ٽي ايم ڪارڊ منهنجي اسسٽنٽ وٽ هوندو آهي: يشما گل

ڪراچي (شوبز نيوز) پاڪستاني اداڪارا يشما گل کان هڪ انٽرويو ميزبان سوال ڪيو ته سوشل ميڊيا تي توهان جي هانيه عامر لاءِ رکيل سرپرائز برٿ ڊي پارٽي جي وڊيو وائرل ٿي جنهن ۾ توهان هانيه لاءِ لکين رپين جو خرچ ڪيو؟

ان تي يشما گل کلندي جواب ڏنو ته، ڇو ته اها سرپرائز برٿ ڊي پارٽي هئي، ان لاءِ ان تي لکن رپين جو خرچ آيو، جي توهان ان پارٽيءَ جي بجيٽ ڄاڻڻ چاهيوته مان توهان کي نه ٻڌائينديس.

اداڪارا چيو ته هانيه عامر منهنجي بيسٽ فرينڊ ۽ منهنجي ڀينرن جيان آهي.

بعد ۾ ڪيل سوال تي ته توهان سڀ کان وڌيڪ ڪهڙي شيءِ تي خرچ ڪندا آهيو؟ جي جواب ۾ اداڪارا چيو ته مان انهن ڏينهن ۾ گھر خريد ڪرڻ جو سوچي رهي هيس، جنهن جو ذڪر مون هڪ دوست سان ڪيو، ان مون کي تمام وڏي قيمتن وارا گھر ٻڌايا.

يشما گل چيو ته منهنجي دوستن جو چوڻ آهي ته مان ڪمايان گھٽ ٿي ۽ اڏايان گھڻو ٿي.

اداڪارا جو چوڻ هو ته منهنجو اي ٽي ايم منهنجي ملازمه ۽ اسسٽنٽ وٽ هوندو آهي، هوءَ پنهنجي مرضيءَ موجب خرچ ڪندي آهي ۽ مون وٽ ان جو ڪو حساب ناهي هوندو.

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.