ڪراچي (ويب ڊيسڪ) موسميات کاتي رمضان جي مبارڪ مهيني جي شروعات ۾ ملڪ اندر برسات جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي، بلوچستان ۾ هڪ ٻئي طوفاني سسٽم جي داخل جو الرٽ جاري ڪيو ويو.
موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته ملڪ ۾ 2 ۽ 3 مارچ تي تيز برسات ۽ جبلن تي برفباري جو امڪان آهي.
طاقتور طوفاني سسٽم سڀاڻي 2 مارچ تي بلوچستان ۾ داخل ٿيندو، سسٽم آچر جي شام تائين بلوچستان کي متاثر ڪري سگهي ٿو.
جبلن تي گجگوڙ سان برسات ۽ برفباري جو امڪان آهي، مسافر ۽ سياح غير ضروري سفر کان پاسو ڪن.
اڄ ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم خشڪ ۽ مٿانهين علائقن ۾ ٿڌو رهڻ جي اڳ ڪٿي ڪئي وئي آهي.