تازہ ترین

نوشهره ڌماڪي ۾ 2 نمازي شهيد ٿيڻ جا اطلاع، ڪيترائي زخمي آهن: آءَ جي خيبرپختون خوا

نوشهره (نيشنل ڊيسڪ) نوشهره جي دارالعلوم حقانيه اڪوڙه خٽڪ ۾ جمعي نماز جي ادائيگي دوران ٿيل ڌماڪي ۾ 2 نمازين جي شهيد ٿيڻ جا اطلاع.

آءِ جي خيبرپختون خوا موجب شروعاتي جاچ موجب مسجد ۾ جمعي نماز جي ادائيگي دوران ٿيل بم ڌماڪو آپگھاتي آهي.

ريسڪيو ذريعن موجب دارالعلوم حقانيه اڪوڙه خٽڪ جي آپگھاتي ڌماڪي ۾ 2 نمازين جي شهيد ٿيڻ جا اطلاع مليا آهن.

ريسڪيو ذريعن جو چوڻ آهي ته مسجد ۾ ٿيل آپگھاتي ڌماڪي ۾ مولانا حامد الحق جي سخت زخمي ٿي پيو، جنهن جي حالت ڳڻتيءَ جوڳي ٻڌائي پئي وڃي.

ڌماڪي کان پوءِ پوليس، رينجرز ۽ ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي اهلڪارن علائقي کي گھيري ۾ آڻي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.

مسجد ۾ ڌماڪي بعد نوشهره جي سمورين اسپتالن ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي، ڌماڪي ۾ ابتدائي طور 5 کان 6 ماڻهن جي زخمي ٿيڻ جا اطلاع.

آءِ جي خيبر پختون خوا موجب آپگھاتي ڌماڪي ۾ مولانا حامد الحق کي نشانو بڻايو ويو. ڌماڪي جي جاچ ڪري رهيا آهيون.

نوشهره ڌماڪي بعد وزيراعظم، صدر پاڪستان، وفاقي گھرو وزير، گورنر ڪي پي، سي ايم ڪي پي ۽ ٻين سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.