ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ صحافي تشڪيل سنديلو سميت 2 ڄڻا روڊ حادثي ۾ فوت ٿي ويا.
شاهراهه فيصل تي اڻڄاتل تيز رفتار ڪار موٽرسائيڪل سان ٽڪرائجي وئي. حادثي بعد ڪار ڊرائيور فرار ٿي ويو.
ٻئي فوتي جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي، واقعي بعد فوتي صحافي جي گهر ۾ ڪهرام مچي ويو.
سنڌ جي سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ پاران صحافي تشڪيل سنديلي جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار ڪيو ويو آهي.