تازہ ترین

ملڪي معيشت آءِ سي يُو مان نڪري بحال ٿي رهي آهي: شرجيل انعام ميمڻ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته ملڪي معيشت آءِ سي يُو مان نڪري بحال ٿي رهي آهي.

ملڪي حالتون بهتر آهن، سياسي استحڪام به بهتر ٿي رهيو  آهي، گڏجي ڪوششون ڪريون ته ملڪ ۾ سياسي استحڪام آڻي سگهون ٿا.

سنڌ جي سينيئر شرجيل انعام ميمڻ جو پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته چاهيون ٿا ته حڪومتون ۽ سيڙپڪار گڏجي ڪم ڪن ته جيئن عوام کي سهولتون ملي سگهن.

هن چيو ته پاڪستان ۾ اِي ڪامرس جي گهڻي ضرورت آهي، هڪ سال ۾ اسٽاڪ اسٽاڪ ۾ 86 سيڪڙو گروٿ ٿي.

شرجيل ميمڻ چيو ته پاڪستان تي سيڙپڪارن جو اعتماد وڌي رهيو آهي، وڏي انگ ۾ چيني سيڙپڪار اچي رهيا آهن.

سنڌ جي سينيئر وزير چيو ته ٽرانسپورٽ شعبي ۾ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ متعارف ڪرائي پئي وڃي، وزيراعظم به سنڌ جي پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ منصوبن جي واکاڻ ڪئي.

شرجيل انعام ميمڻ جو وڌيڪ چوڻ هو ته سنڌ ۾ ڪڻڪ وافر مقدار ۾ موجود آهي، خوراڪ کاتي ۾ فيوميڪيشن جو عمل جاري آهي.

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.