تاشقند (انٽرنيشنل ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ۽ ازبڪستان وچ ۾ مضبوط رابطا قائم آهن، پاڪستان ۽ ازبڪستان جي لاڳاپن جي ڊگهي تاريخ آهي.
ازبڪستان جي دوري دوران وزيراعظم شهباز شريف ۽ ازبڪستان جي صدر شوڪت ميرضيايوف آجياڻي تقريب کي خطاب ڪيو.
ان موقعي تي وزيراعظم شهباز شريف جو چوڻ هو ته ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا سٺي دڳ هلي رهيا آهن، سيڙپڪاري ۽ واپار ۾ واڌ ٻنهي ملڪن جي مفاد ۾ آهي.
ازبڪستان، پاڪستان جو اعتماد جوڳو ڀائيوار آهي، ٻنهي ملڪن جي خوشحالي ۽ ترقي گڏيل عزم آهي، ازبڪ صدر عملي قدمن تي يقين رکندو آهي.
وزيراعظم چيو ته صدر شوڪت ميرضيايوف ازبڪستان کي ترقي جي بلندي تي پهچايو آهي، مان پاڪستان جي معاشي ترقي لاءِ پرعزم آهيان.
هن چيو ته سخت محنت ۽ پختي ارادي ذريعي ترقيءَ جو سفر طئي ڪري سگهجي ٿو، ٽيم سان گڏ ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن کي نئين بلندي تي پهچائينداسين.
شهباز شريف چيو ته ڊگهي سفر جي شروعات پهرين قدم سان ئي ٿيندي آهي، جيڪو اسان کڻي ڇڏيو آهي، هڪ سال ۾ پاڪستان جي معيشت کي پيرن تي بيهاريو ويو آهي.
وزيراعظم جو چڻ هو ته پاڪستان ۾ مهانگائي 38 کان گهٽجي 2 ڏهائي 4 سيڪڙو تي آندي، وياج جي شرح ۾ گهٽتائي سان سيڙپڪارن جو اعتماد بهتر ٿيو آهي.
وزيراعظم شهباز شريف وڌيڪ چيو ته ملڪي ناڻي جي ذخيرن ۾ واڌ ٿي آهي، سخت محنت ذريعي پاڪستان وڃايل مقام ٻيهر حاصل ڪندو.
ان کان اڳ پاڪستان ۽ ازبڪستان ۾ مختلف شعبن ۾ معاهدن ۽ ياد داشتن تي صحيحون ڪيون ويون، ٻنهي ملڪن ۾ ڄاڻ جي مٽا سٽا بابت مفاهمتي ياد داشت تي پڻ صحيحون ڪيون ويون.
پاڪستان ۽ ازبڪستان ۾ نوجوانن جي معاملن بابت ايم او يو جي مٽا سٽا ڪئي وئي، ٻنهي ملڪن ۾ سفارتي پاسپورٽ بابت مفاهمتي ياد داشت جي ڏي وٺ پڻ ٿي.
ٻنهي ملڪن جي نمائندن ۾ سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي شعبي ۾ مفاهمتي ياد داشت سميت وزيراعظم شهباز شريف ۽ ازبڪ صدر شوڪت ميرضيايوف گڏيل پڌرائي تي صحيحون پڻ ڪيون.
ان موقعي تي ازبڪ صدر شوڪت ميرضيايوف جو چوڻ هو ته وزيراعظم شهباز شريف کي ڀليڪار چئون ٿا، ٻنهي ملڪن وچ ۾ فائديمند ڳالهيون ٿيون.
ازبڪ صدر چيو ته روشن مستقبل لاءَ ٻنهي ملڪن ۾ ڳالهيون ۽ معاهدا تمام اهم آهن، چئلينجز کي منهن ڏيڻ لاءِ گڏيل حڪمت عملي ۽ موقعن مان فائدو حاصل ڪيو ويندو.
شوڪت ميرضيايوف چيو ته پاڪستان جي خوشحال مستقبل لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪريان ٿو، وقت گذرڻ سان ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن ۾ بهتري اچي رهي آهي.
ازبڪ صدر چيو ته تاشقند ۽ لاهور وچ ۾ اڏامن سان ٻنهي ملڪن کي فائدو ٿيندو، ٻنهي ملڪن ۾ سيڙپاڪاري ۽ واپار بابت فائديمند ڳالهيون ٿين پيون.
شوڪت ميرضيايوف چيو ته پاڪ ۽ ازبڪ مضبوط لاڳاپن جي نئين باب جي شروعات ٿي پئي، ٻنهي ملڪن ۾ واپاري ڪاٿو 2 ارب ڊالر تائين وڌايو ويندو.
ازبڪستان جي صدر جو وڌيڪ چوڻ هو ته پاڪستان سان علائقائي ۽ عالمي فورمز تي سهڪار جاري رکي ويندي.