تازہ ترین

سپريم ڪورٽ جي آئيني بينچ ۾ سويلينز جي ڪورٽ مارشل تي انٽراڪورٽ اپيلن تي ٻڌڻي

اسلام آباد (نيشنل ڊيسڪ) سويلينز جي ملٽري ٽرائل خلاف انٽرا ڪورٽ اپيل تي سپريم ڪورٽ جي آئيني بينچ جي جج چيو ته پريڪٽس اينڊ پروسيجر ڪيس جي فيصلي ۾ ماضيءَ ۾ اپيل جو حق ملي ها ته سنه 73ع کان اپيلون اچن ها.

سپريم ڪورٽ ۾ سويلينز جي ڪورٽ مارشل بابت انٽرا ڪورٽ اپيلن تي ٻڌڻي جسٽس امين الدين جي سربراهيءَ ۾ 7 رڪني بينچ ڪري رهي آهي.

سول سوسائٽي جي وڪيل فيصل صديقي ايڊووڪيٽ پنهنجا دليل ڏيندي چيو ته فوجي عدالتن خلاف 7 رڪني بئنچ جا هڪ نه ٽي فيصلا آهن.

جسٽس عائشه ملڪ، جسٽس منيب اختر ۽ جسٽس يحيٰ آفريديءَ پنهنجا فيصلا لکيا، سمورن ججن کي هڪ ٻئي جي فيصلن سان اتفاق هو، فيصلا  هڪ جھڙا ۽ سبب مختلف هجن ته سمورا سبب فيصلي جو حصو تصور ٿيندا آهن.

جسٽس محمد علي مظهر رمارڪس ڏنا ته ججن اضافي نوٽ نه پر فيصلو لکيو هو، جڏهن ته جسٽس جمال مندوخيل جو چوڻ هو ته سمورا پنج جج متفق هئا ته سويلينز جو ملٽري ٽرائل نٿو ٿي سگھي.

جسٽس محمد علي مظهر چيو ته عذير ڀنڊاري جو انحصار پريڪٽس اينڊ پروسيجر ڪيس ۾ جسٽس منصور جي نوٽ تي هو، پريڪٽس اينڊ پروسيجر فيصلن ۾ ماضي کان اپيلن جو حق ملي وڃي ها ته 73ع کان اپيلون اچن ها.

جنهن تي وڪيل فيصل صديقيءَ جو چوڻ هو ته اپيلن جو دائرو محدود ڪيو ويو ته اسان جون به ڪيتريون ئي اپيلون خارج ٿي وينديون.

جسٽس امين الدين جو چوڻ هو ته فيصلو ڏيڻ واري بئنچ ئي نظرثاني اپيل ٻڌي سگھي ٿي، جڏهن ته انٽرا ڪورٽ اپيل لارجر بئنچ ٻڌندي آهي، لارجر بئنچ ڪيس پهريون ڀيرو ٻڌي رهي هوندي آهي ان لاءِ اها پهرئين فيصلي جي پابند ناهي هوندي.

سول سوسائٽي جي وڪيل فيصل صديقيءَ جو چوڻ هو ته منهنجو آئيني بئنچ تي مڪمل اعتماد آهي.

ان تي جسٽس جمال مندوخيل ساڻس مڪالمو ڪندي چيو ته توهان ايئن ئي دليل ڏيندا رهيا ته لڳي ٿو ته توهان کي 3 مهينن تائين ٻڌڻو پوندو.

فيصلن صديقيءَ جو چوڻ هو ته آئيني بئنچ آرمي ائڪٽ جون شقون ڪالعدم قرار ڏيڻ کان سواءِ به سويلينز جو ٽرائل ڪالعدم ڪري سگھي ٿي، سيڪشن 94 تحت ڪمانڊنگ آفيسر کي جوابدارن جي حوالگيءَ جو صوابديدي اختيار درست ناهي.

جسٽس نعيم اختر افغان جو چوڻ هو ته پهرين ڏينهن کان پڇي رهيو آهيان ته اي ٽي سي جج جو جوابدار حوالي ڪرڻ جو ڪو باضابطه حڪمنامون آهي؟

جهن تي وڪيل فيصل صديقيءَ جو چوڻ هو ته حڪم نامون ته آهي پر ان ۾ سبب ناهن ڄاڻايا ويا.

جسٽس جمال مندوخيل پڇاڻو ڪيو ته ڇا عدالت کي پاڻ ڏسڻو پوندو آهي ته ان وٽ ٻڌڻ جو اختيار آهي يا نه؟ ڇا لازمي آهي ته ڪا ڌر ئي اختيار جي دائري جو اعتراض ڪري؟

جنهن تي جسٽس امين الدين چيو ته عدالت کي پاڻ ئي پنهنجي اختيار وارو دائرو طئي ڪرڻو پوندو آهي.

وڪيل فيصل صديقي جو چوڻ هو ته ڪو قائداعظم جي مزار جو قبضو گھري ته ڇا عدالت اهو چوندي ته ڪنهن اختيارن جي دائري تي اعتراض ناهي ڪيو؟

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

Weltweite Nachrichten in Echtzeit – Ihr Zugang zu den wichtigsten Ereignissen

Unser Unternehmen hat sich darauf spezialisiert, die bedeutendsten Nachrichten aus aller Welt in Echtzeit zu liefern. Mit einem Team aus erfahrenen Journalisten, Redakteuren und Analysten stellen wir sicher, dass unsere Nutzer jederzeit Zugriff auf präzise, aktuelle und umfassend recherchierte Informationen haben. Unser Ziel ist es, Transparenz zu schaffen und Menschen zuverlässig über die Ereignisse zu informieren, die unsere Welt bewegen.

Wir bieten eine breite Palette an Leistungen: von Live-Tickern und Eilmeldungen über tiefgehende Hintergrundberichte bis hin zu exklusiven Interviews mit Experten. Dabei legen wir besonderen Wert auf Objektivität, Schnelligkeit und eine benutzerfreundliche Darstellung, damit unsere Leser die relevanten Informationen sofort erfassen können.

In Kooperation mit Partnern wie https://n1-bet.app/ setzen wir auf moderne digitale Technologien, die eine reibungslose Übermittlung von Nachrichten ermöglichen. Unsere Plattform ist darauf ausgelegt, Informationen effizient zu verbreiten und gleichzeitig die Interaktion mit den Nutzern zu erleichtern.

Nachhaltigkeit bedeutet für uns, langfristiges Vertrauen aufzubauen: Wir investieren kontinuierlich in Qualitätsjournalismus, unabhängige Recherchen und transparente Arbeitsweisen. So schaffen wir eine Nachrichtenquelle, die nicht nur informiert, sondern auch Orientierung bietet.

Mit unserer Leidenschaft für präzise Informationen und unserem Engagement für journalistische Integrität sind wir Ihr verlässlicher Partner in einer sich ständig wandelnden Welt. Bei uns erhalten Sie Nachrichten, die zählen.

Mit uns bleiben Sie immer einen Schritt voraus – informiert, aktuell und unabhängig.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.