ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي اينٽي نارڪوٽڪس ڪورٽن طرفان منشيات ڪسن ۾ قتل ٿيندڙ مصطفيٰ عامر ۽ قتل ڪيس جي جوابدار ارمغان جا گرفتاري وارنٽ جاري ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي.
ميڊيا رپورٽن موجب منشيات جي روڪٿام جي عدالت مصطفيٰ عامر خلاف منشيات برآمد ڪيس ۾ گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا هئا، مقتول مصطفيٰ عامر جا وارنٽ 22 فيبروريءَ تي اينٽي نارڪوٽڪس ڪورٽ جاري ڪيا هئا.
مقتول مصطفيٰ عامر منشيات برآمد ٿيڻ جي ڪيس ۾ مفرور هو، عدالت ايس ايڇ او اي اين ايف کي جوابدار کي گرفتار ڪري 27 فيبروريءَ تي پيش ڪرڻ جو حڪم به جاري ڪيو ويو هو.
مقتول مصطفيٰ عامر خلاف ڪيس 2024 ۾ اي اين ايف ٿاڻي تي داخل ڪيو ويو هو، جوابدار مصطفيٰ عامر تي الزام هو ته هن ڪوريئر وسيلي منشيات موڪلڻ جي ڪوشش ڪئي هئي.
ٻئي طرف ڪراچيءَ جي منشيات جي روڪٿام واري ڪورٽ جوابدار ارمغان جا ناقابل ضمانت گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا.
ارمغان خلاف 2019ع ۾ منشيات اسمگلنگ جا 2 ڪيس داخل ڪيا ويا هئا، مصطفيٰ عامر قتل ڪيس ۾ گرفتار جوابدار ارمغان ڪئناڊا مان ميري جوانا نالي هينڊلر کان منشيات اسمگل ڪرائي هئي، 30 اپريل 2024ع کان پوءِ جوابدار ارمغان عدالت ۾ پيش نه ٿيو هو.
ڪيس ۾ گرفتار جوابدار ارمغان جا 2 ساٿي احمد غفار، احتشام سومرو کي اشتهاري قرار ڏنو ويو آهي، هڪ ڪيس ۾ مقتول مصطفيٰ عامر جا به گرفتاري وارنٽ جاري ٿي چڪا آهن.