دبئي (اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ڀارت هٿان شرمناڪ شڪست کان پوءِ ٽيم جي اڳئين رائونڊ جو سفر به تمام ڏکيو آهي.
نيوزيلينڊ ۽ ڀارت جي خلاف لاڳيتو ٻه شڪستن کان پوءِ پاڪستان جون سيمي فائنل تائين رسائي جون اميدون هاڻ ٽيڪنيڪي امڪانن تي ٽِڪيل آهن.
پاڪستاني ٽيم جي اڳئين مرحلي تائين پهچ هاڻ باقي ميچن جي نتجين تي ڀاڙي ٿي.
پاڪستان کي هاڻ پنهنجي ايندڙ ميچ 27 فيبروريءَ تي بنگلاديش خلاف راولپنڊيءَ ۾ وڏي مارجن سان کٽڻي پوندي. ان سان گڏ نيوزيلينڊ کي پنهنجي ٻنهي ميچن ۾ ڳري مارجن سان پڻ هارائڻو پوندو.
تڏهن ئي پاڪستان جي ڪرڪيٽ ٽيم چيمپئنز ٽرافيءَ جي ٽورنامينٽ ۾ اڳتي وڌڻ جو موقعو حاصل ڪري سگھي ٿي.
اڄ نيوزيلينڊ ۽ بنگلاديش جي وچ ۾ راولپنڊيءَ ۾ ٿيندڙ مقابلو پاڪستاني فينز جي لاءِ اهم هوندو.
جيڪڏهن نيوزيلينڊ هي ميچ کٽي ٿو وڃي يا ميچ برسات سبب نٿي ٿئي ته پاڪستان جي ٽيم آفيشلي ٽورنامينٽ کان ٻاهر ٿي ويندي.
جيڪڏهن بنگلاديش نيوزيلينڊ جھڙي مضبوط ٽيم جي خلاف اها ميچ کٽي ٿو وڃي، جيڪا نظر ته نٿي اچي، ته پوءِ پاڪسان ڪرڪيٽ ٽيم جي ٽورنامينٽ ۾ رهڻ جو اميدون باقي بچن ٿيون.
پاڪستان ۽ بنگلاديش جي وچ ۾ ميچ 27 فيبروريءَ تي راولپنڊيءَ ۾ کيڏي ويندي جڏهن ته ڀارت ۽ نيوزيلينڊ جي وچ ۾ ميچ 2 مارچ تي شيڊيول آهي.
ياد رهي ته پاڪستان ٽيم کي 19 فيبرريءَ تي نيوزيلينڊ ۽ ڪالهه ڀارتي ٽيم هٿان 6 وڪيٽن جي نقصان تي شڪست سان منهن ڏيڻو پيو هو.