تازہ ترین

سپريم ڪورٽ جي آئيني بينچ: فوجي ڪورٽن ۾ سويلينز جي ٽرائل خلاف انٽراڪورٽ اپيلن جي ٻڌڻي

اسلام آباد (نيشنل ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ جي آئيني بينچ ۾ فوجي ڪورٽن ۾ سويلينز جي ٽرائل خلاف انٽراڪورٽ اپيلن جي ٻڌڻي.

پي ٽي آءِ باني جي وڪيل عزيز ڀنڊاري دليل ڏيندي چيو ته آرمي ايڪٽ ڪالعدم ٿي به ويو ته دهشتگردي روڪ جو قانون موجود آهي.

هڪ کان وڌيڪ فورمز موجود هجن ته ڏسڻو پوندو ته جوابدار جي بنيادي حقن جو تحفظ ڪٿي يقيني هوندو، آئين جو آرٽيڪل 245 فوج کي عدالتي اختيار نٿو ڏئي.

جسٽس جمال مندوخيل سوال ڪيو ته ڇا ڪورٽ مارشل عدالتي ڪارروائي ناهي هوندو؟

عزيز ڀنڊاري جواب ڏنو ته ڪورٽ مارشل عدالتي اختيار هوندو آهي پر فوجي اهلڪارن لاءِ، سويلينز لاءِ نه.

جسٽس امين الدين خان چيو ته سويلينز جي هڪ ڪيٽيگري به آرمي ايڪٽ جي ذمري ۾ اچي ٿي؟

اهو فرق ڪيئن ٿيندو ڪهڙو سويلين آرمي ايڪٽ ۾ اچي ٿو ۽ ڪهڙو نه؟ آرٽيڪل 245 جو حوالو ته ان ڪيس ۾ اڻ لاڳاپيل آهي.

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.