دبئي (اسپورٽس ڊيسڪ) چيمپئنز ٽرافي جي وڏي ۾ وڏي مقابلي ۾ پاڪستان ڀارت خلاف ٽاس کٽي بيٽنگ جو فيصلو ڪيو.
دبئي انٽرنيشنل ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ کيڏجندڙ ميچ ۾ ملڪي ٽيم جي بيٽنگ جاري آهي نون اوورن جي پڄاڻيءَ تي 58 رنسن تي پاڪستاني ٽيم جا اوپنر بابر اعظم ۽ امام الحق آئوٽ ٿي ويا آهن.
پاڪستان کي پهريون نقصان 41 رنسن تي بابر اعظم جي صورت ۾ ٿيو جيڪو 23 رنسون ٺاهي هارڊڪ پانڊيا جي بال تي ڪيچ آئوٽ ٿيو، ان کان پوءِ امام الحق 10 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويو.
ان بعد ايندڙ پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جو ڪپتان محمد رضوان ۽ سعود شڪيل ڪريز تي بيٺل آهن.