ڪراچي (شوبز ڊيسڪ) ڪراچيءَ جي علائقي ڊفينس مان مشهور اداڪار جي پٽ ۽ نوجوان اداڪار کي گرفتار ڪيو ويو آهي جڏهن ته سندن قبضي مان منشيات به برآمد ڪئي وئي آهي.
ڊي آءِ جي سي آءِ اي مقدس حيدر ٻڌايو ته نوجوان مصطفيٰ عامر جي قتل بعد ڊي ايڇ اي ۾ ڪريڪ ڊائون جاري آهي، هڪ نوجوان اداڪار کي گرفتار ڪيو ويو آهي ۽ کانئنس منشيات به برآمد ٿي آهي.
سي آءِ اي سربراهه جو چوڻ آهي ته پوليس ڊي ايڇ اي ۾ ڪارروائي ڪندي نوجوان اداڪار ساحر حسن کي گرفتار ڪيو ۽ ان جي گھر مان اڌ ڪلو منشيات برآمد ڪئي آهي.
سندس چوڻ هو ته گرفتار جوابدار مختلف چينلز ذريعي آمريڪا کان منشيات گھرائيندو هو، گرفتار اداڪار شهر جي پوش علائقن ۾ پارٽين ۾ منشيات سپلاءِ ڪرڻ ۾ ملوث آهي.
ڊي آءِ جي مقدس حيدر وضاحت ڪئي ته ساحر حسن کي مصطفيٰ عامر قتل ڪيس ۾ گرفتار ناهي ڪيو ويو پر ان ڪيس بعد منشيات خلاف مهم دوران اداڪار کي گرفتار ڪيو ويو آهي.
مقدس حيدر چيو ته اهڙن عنصرن خلاف ڪريڪ ڊائون شروع ڪيو آهي، جيڪي پوش علائقن ۾ پارٽين ۽ تعليمي ادارن جي شاگردن کي منشيات فراهم ڪرڻ ۾ ملوث آهن.
ڊي آءِ جي سي آءِ اي جو چوڻ هو ته گرفتار جوابدار جي خلاف ايف آءِ آر به داخل ڪئي پئي وڃي.