اسلام آباد (نيشنل ڊيسڪ) پي سي بي چيئرمين، وفاقي ۽ صوبائي وزيرن ۽ گورنر پاران قومي ڪرڪيٽ ٽيم لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو ويو آهي.
پي سي بي چيئرمين محسن نقوي جو چوڻ آهي ته قومي ڪرڪيٽ ٽيم مقابلي لاءِ تيار آهي، سرپرائز ڏينداسين.
اڄ پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ سٺي ميچ ڏسڻ لاءِ ملندي، رانديگر کٽين يا هارائين، هو ٽيم سان گڏ آهن.
ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب چيو ته قومي ڪرڪيٽ ٽيم مخالف ٽيم خلاف ڄمي کيڏي، نيڪ خواهشون ۽ دعائون قومي ٽيم سان گڏ آهن.
سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ وڏي ميچ آهي، اميد آهي ته ٽيم سٺو کيڏيندي.
گورنر ڪامران ٽسوري طرفان ڀارت کان کٽڻ تي قومي ڪرڪيٽ ٽيم کي هڪ ڪروڙ رپيا ڏيڻ جو اعلان، سندس چوڻ آهي ته قومي ٽيم محنت سان کيڏي، سوڀ پاڪستان جي ٿيندي.