دبئي (اسپورٽس ڊيسڪ) آءِ سي سي چيمپيئنز ٽرافي جو سڀ کان وڏو دنگل اڄ شروع ٿيندو.
پاڪستان ۽ ڀارت جون ڪرڪيٽ ٽيمون اڄ دبئي ۾ آمهون سامهون ٿي رهيون آهن، ڪالهه ۽ اڄ ٻنهي ٽيمن سخت پريڪٽس ڪئي.
ٽورنامينٽ ۾ رهڻ جي لاءِ پاڪستان کي ڀارت خلاف ميچ کٽڻ ضروري ٿي ويو.
هيڊ ڪوچ عاقب جاويد جو چوڻ آهي ته پاڪ ڀارت مقابلو هاءِ وولٽيج، دلچسپ ۽ ڪرڪيٽ جي روح آهي، هو ميچ کٽڻ جي ڪوشش ڪندا.