اسلام آباد (نيشنل ڊيسڪ) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته ماڻهن جون ڏکيائيون گهٽجن پيون ۽ معيشت بهتري طرف وڌي رهي آهي.
صدر آصف علي زرداري پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ چيو تهچين جو دورو ڪامياب رهيو، سي پيڪ جو بنياد رکيو آهي ۽ ان کي ڪامياب بڻائيندا.
سنڌ حڪومت صحت ۽ تعليم جي شعبن ۾ اهم ڪم ڪيو آهي ۽ سنڌ ۾ نيون يونيورسٽيون، ڪاليج ۽ اسپتالون ٺاهيون ويون آهن.
سنڌ حڪومت ٻوڏ متاثرين لاءِ گهر ٺاهيا آهن ۽ ٻين صوبن کي به ان جي پيروي ڪرڻ گهرجي.