لاهور (اسپورٽس ڊيسڪ) چيمپئنز ٽرافيءَ جي چوٿين اهم ميچ ۾ انگلينڊ جي آسٽريليا خلاف بيٽنگ جاري آهي ۽ انگلينڊ ٽن وڪيٽن جي نقصان تي صرف 31 اوورن ۾ 201 رنسون ٺاهي ورتون آهن.
لاهور جي قذافي اسيڊيم ۾ کيڏي ويدنڙ ميچ ۾ آسٽريليا جي ڪپتان استيو اسمٿ ٽاس کٽي انگلينڊ کي پهريان بيٽنگ جي دعوت ڏني.
انگلينڊ طرفنا بين ڊڪٽ ۽ فل سالٽ اننگز جي شروعات ڪئي پر ٻئي اوور ۾ ايلڪس ڪيري جي شاندار ڪيچ فل سالٽ کي پويلين جو رستو ڏيکاريو، ڇهين اوور ۾ جيمي اسمٿ به 15 رنسون ٺاهي ڪيچ آئوٽ ٿي ويو.
43 رنسن تي ٻه وڪيٽو ڪرڻ کان پوءِ بين ڊڪٽ ۽ جو روٽ ذميواراڻي بيٽنگ ڪندي پنهنجي ٽيم جو اسڪور 201 تائين ڪري ورتو هو، 31 هين اوور جي ٻئين بال تي جو روٽ 68 رنسن تي آئوٽ ٿي ويو.
آسٽريلين ڪپتان اسٽيو سمٿ جو چوڻ هو ته اسان جي پريڪٽس دوران رت جي وقت هتي ماڪ پوندي آهي ان جي ڪري پهريان بالنگ جو فيصلو ڪيو.