تازہ ترین

وزيراعظم پاران ڊيرا غازي خان ۾ ڪينسر اسپتال، راجن پور ۾ يونيورسٽي ٺاهڻ جو اعلان

ڊيرا غازي خان (نيشنل ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف ڊيرا غازي خان پهچي ويو جتي هن عوامي جلسي کي خطاب ڪندي انڊس هاءِ وي سميت مختلف منصوبن جو افتتاح ڪري ڇڏيو.

وزيراعظم شهباز شريف پاران ڊيرا غازي خان ۾ ڪينسر اسپتال ٺاهڻ جو اعلان ڪيو، وزيراعظم پاران راجن پور ۾ يونيورسٽي ٺاهڻ جو اعلان پڻ ڪيو ويو.

ان موقعي تي جلسي کي خطاب ڪندي وزيرعاظم جو چوڻ هو ته صحت، تعليم ۽ صنعتن جي ترقي لاءِ قدم کنيا آهن، نوازشريف رياست بچائڻ لاءِ سياست کي قربان ڪري ڇڏيو.

هن چيو ته اسان جڏهن اقتدار سنڀاليو، ان وقت مهانگائي عروج تي هئي، مهانگائي 48 سيڪڙو کان گهٽ ٿي 2.4 سيڪڙو تي پهتي آهي.

وزيراعظم چيو ته ملڪ ۾ وياج جي شرح 22 مان گهٽ ٿي 12 سيڪڙو ٿي وئي آهي، قرضن سان گڏ پاڪستان ترقي نه ٿو ڪري سگهي.

هن چيو ته عوام کي روزگار فراهم ڪرڻ لاءِ ڄار وڇايو آهي، اسان سڀ گڏجي پاڪستان جي تقدير تبديل ڪري ڇڏينداسين.

وزيراعظم شهباز شريف چيو ته ڏکڻ پنجاب کي ڪنهن به صورت ۾ اڪيلو نه ڇڏينداسين، ڊيرا غازي خان اچي تمام گهڻي خوشي ٿي آهي.

سندس چوڻ هو ته ترقي پاڪستان جو مقدر بڻجي چڪو آهي، پاڪستان جي معيشت هاڻ بهتر دڳ تي هلي رهي آهي.

وزيراعظم چيو ته نوازشريف جو ويزن رڳو پاڪستان جي ترقي آهي، پنجاب جي ترقي نوازشريف جي اڳواڻي ۾ شروع ٿي، مريم نواز پنجاب جي عوام جي خدمت ڪري رهي آهي. ان کان اڳ  وزيراعظم شهبازشريف جي ڊيرا غازي خان آمد تي ڪارڪنن پاران سندسس ڀرپور آجيان ڪئي وئي.

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.