تازہ ترین

قصور ۾ ڊرائيور کي ننڊ اچي وئي، وين نالي ۾ ڪرڻ سبب هڪ ئي ڪٽنب جا 8 ڀاتي اجل جو شڪار

قصور (نيشنل ڊيسڪ) قصور جي صدر ٿاڻي جي حدن۾ رائيونڊ روڊ تي گاڏي هلائيندي ڊرائيور کي ننڊ اچڻ بعد وين اونهي کاهيءَ ۾ ڪرڻ سبب هڪ ئي ڪٽنب جا 8 ڀاتي اجل جو شڪار ٿي ويا.

ريسڪيو 1122 موجب رات دير سان کارا موڙ ويجھو نال روهي نالي ۾ ڪرندڙ وين ۾ هڪ مسيحي خاندان جا 10 ماڻهو سوار هئا.

ريسڪيو اهلڪارن هن وقت تائين 8 لاش ڪڍي ورتا آهن، جڏهن ته 2 زخمين کي به اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.

پوليس لاشن ۽ زخمين کي ڊي ايڇ ڪيو اسپتال منتقل ڪيو، زخمين جي هالتن ڳڻتيءَ جوڳي ٻڌائي پئي وڃي.

فوتين ۽ زخمين جون عمريون 30 کان 40 سالن جي وچ ۾ آهن، فوتين ۾ خليل، سليم، عمران، مقصود، سوهني، ڪارنيليس، سني ۽ طلحه شامل آهن جڏهن ته زخمين ۾ ساجد ۽ ڊرائيور شڪيل شامل آهن.

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.