اسلام آباد (نيشنل ڊيسڪ) آءِ ايم ايف جو وفد سڀاڻي پاڪستان پهچندو، سومر کان ڳالهيون ٿينديون.
آءِ ايم ايف طرفان ايندڙ مالي سال جي بجيٽ ۾ نئون ٽيڪس لڳائڻ جي تجويز، ڪاربن ليوي لاڳو ڪرڻ کي لازمي قرار ڏئي ڇڏيو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته آءِ ايم ايف وفد سان ڳالهين دوران شروعاتي مسودي تي ڳالهيون ٿينديون.
وفد وفاق ۽ صوبن سان ٽيڪنيڪل سطح تي ڳالهيون ڪندو، گرين بجيٽنگ، ڪلائيميٽ اسپيڊنگ تي ٽيگنگ، ٽريڪنگ ۽ رپورٽنگ تي ڳالهيون ڪيون وينديون.
آءِ ايم ايف وفد ۽ پاڪستاني اختيارين جي وچ ۾ ڪاربان ليوي لاڳو ڪرڻ، اليڪٽرڪ گاڏين ۽ سبسڊي بابت ڳالهيون ڪيون وينديون.