تازہ ترین

ڪيس ٻڌڻ ۽ انتظام جو جديد نظام وقت جي ضرورت هئي: وزيراعظم

اسلام آباد (نيشنل ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته  ڪيس ٻڌڻ ۽ انتظام جو جديد نظام وقت جي ضرورت هئي، نئون نظام شفافيت ۽ تڪڙي انصاف جي فراهمي ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو.

ڪيس اسائينمنٽ ايند مئنيجمينٽ سسٽم جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم جو چوڻ هو ته نئين نظام ۾ سهڪار تي ڪينيڊا ۽ گڏيل قومن جا ٿورائتا آهيون.

سڄي ملڪ ۾ درخواستگذار شفاف ۽ تڪڙي انصاف جا خواهشمند هئا، بدقسمتي سان ماضي ۾ ٽريڪ اينڊ ٽريس سسٽم جو درست استعمال نه ٿيو.

وزيراعظم چيو ته اسان انهيءَ ٽريڪ اينڊ ٽريس سسٽم کي نئين سر شروع ڪيو آهي، ڪيترن ئي ڏهاڪان کان اسان جو نظام ڏکيائين جو شڪار رهيو آهي.

ميان شهباز شريف چيو ته ايف بي آر ۾ ٽريڪ اينڊ ٽريس سسٽم جو مقصد ٽيڪس جي اوڳاڙي هو، کربين رپين جا ٽيڪس ڪيس ٻڌڻي هيٺ آهن.

وزيراعظم جو وڌيڪ چوڻ هو ته پاڪستان ڪيترن ئي وسيلن سان مالا مال آهي، ٽيم جي سخت محنت کانپوءِ هاڪاري نتيجا سامهون اچي رهيا آهن.

ان کان اڳ وزيراعظم شهبازشريف سان ريٽيلرز جي وفد جي ملاقات ڪئي، وزيراعظم شهبازشريف پاران ريٽيلرز جي مسئلن جي حل لاءِ ڪميٽي ٺاهڻ جي هدايت ڪئي وئي.

ان موقعي تي وزيراعظم چيو ته ٽيڪس نيٽ ۾ موجود ريٽيلرز تي ٽيڪس جو وڌيڪ بار نه وڌو  ويندو، ٽيڪس نه ڏيندڙ ريٽيلرز کي

ٽيڪس نيٽ ۾ آندو ويندو.

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.