تازہ ترین

چيمپئنز ٽرافي: ڏکڻ آفريڪا جو افغانستان خلاف ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ جو فيصلو

ڪراچي (اسپورٽس ڊيسڪ) آءِ سي سي چيمپئنز ٽرافي جي ڪراچيءَ ۾ کيڏجندڙ ميچ ۾ ڏکڻ آفريڪا ٽاس کٽي افغانستان خلاف پهريان بيٽنگ جو فيصلو ڪيو آهي.

ڪراچيءَ جي نيشنل ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ ٽاس جي وقت ڳالهائيندي ڏکڻ آفريڪا جي ڪپتان چيو ته اسان کي پاڻ تي اعتماد آهي، سٺو حدف ڏيڻ جي ڪوشش ڪنداسين، پچ بابت ڪو اندازو نٿو لڳائي سگھجي.

افغان ڪپتان حشمت الله شاهدي چيو ته اسان ٽاس کٽون ها ته پهريان بيٽنگ ڪريون ها، اسان ڏکڻ آفريڪا خلاف پهريان به سٺي ڪرڪيٽ کيڏي آهي.

هن چيو ته ڏکڻ آفريڪا جي خلاف ٽيم پاران سٺي شروعات ٿيندي آهي ته خوشي ٿيندي آهي، سٺي راند جو مظاهرو ڪنداسين، ڪوشش هوندي ته آفريڪا جون جلد وڪيٽون وٺون.

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.