ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ سرڪار پاران رمضان ۾ مهانگائي تي ضابطي لاءِ اهم فيصلا، منافعي خورن تي ڪيس داخل ڪرڻ ۽ ڳرا ڏنڊ لڳائڻ جو فيصلو.
مهانگائي ۽ ذخيري خوري تي ضابطو آڻڻ لاءِ ڪنزيومر پروٽيڪشن ڪونسلز کي ضلعي سطح تي فعال ڪرڻ جو اعلان، هر ضلعي ۾ ڪميٽي قائم.
ڊي جي بيورو آف سپلاءِ بريفنگ ۾ ٻڌايو ته واهپيدارن جي حقن جي حوالي سان آگاهي مهم هلائي پئي وڃي.
صوبائي صلاحڪار عثمان غني هنڱورو هدايت ڪئي ته رمضان مهيني ۾ شهرين جي شڪايتن ۽ مسئلن کي فوري بنيادن تي حل ڪيو وڃي.