ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ پاران گم ٿيل ماڻهن جا ڪيس داخل نه ڪرڻ تي پوليس تي ڪاوڙ جو اظهار.
عدالت گم ٿيل ماڻهن جي جاچ لاءِ ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
گم شهرين جي بازيابي لاءِ کنيل قدمن بابت 18 مارچ تي آءِ جي سنڌ ، ڊي آءِ جي جاچ ۽ ٻين واسطيدار ڌرين کان رپورٽ طلب.
جسٽس ظفر احمد راجپوت چيو ته درخواست ڏيندڙن کي ڪيس داخل ڪرڻ لاءِ لاڳاپيل پوليس اسٽيشن سان رابطو ڪرڻ گهرجي .