اسلام آباد (نيشنل ڊيسڪ) بچاءَ واري وفاقي وزير خواجا آصف چيو آهي ته ملڪ ۾ ڏڦيڙ پکيڙڻ واري سياست هميشه لاءِ دفن ٿي ويندي.
ملڪ خلاف سموريون سازشون ناڪام ٿينديون، ناپاڪ مقصدن لاءِ 9مئي ۽ 26 نومبر تي رياست تي حملو ڪيو ويو. عوام باشعور آهي، پي ٽي آءِ وائکي ٿي چڪي آهي.
بچاءَ واري وزير خواجا آصف جو سرڪاري ٽي وي کي انٽرويو ڏيندي چيو ته تحريڪ انصاف ملڪ کي نقصان پهچائڻ جي سازش ڪئي.
اسان سياسي انتقام کي منهن ڏنو پر ملڪ خلاف ڪا به ڳالهه نه ڪئي.