اسلام آباد (نيشنل ڊيسڪ) سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطا تارڙ چيو آهي ته جعلي خبرن کي منهن ڏيڻ لاءِ عالمي سطح تي حڪمت عملي جوڙڻ جي ضرورت آهي.
جعلي ۽ غلط خبرون اهم چئلينج آهي، وزارت اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل ميڊيا جي معاملن کي ڏسي ٿي.
سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطا تارڙ جو مباحثي کي خطاب چوڻ هو ته سنڌو ماٿري جي قديم تهذيب جا وارث آهن، ترقي ۽ بهتري جي گنجائش هميشه رهندي آهي.