تازہ ترین

ڪوٽڙي ۾ پيئڻ جي پاڻي جي کوٽ، گئس ۽ بجلي  جي بندش خلاف ڌرڻو، روڊ بلاڪ

ڪوٽڙي (ويب ڊيسڪ) ڪوٽڙي ۾ پيئڻ جي پاڻي جي کوٽ، گئس ۽ بجلي  جي بندش خلاف ڌرڻو، روڊ بلاڪ.

مانجهي شورو ۽ سمون ڳوٺ جي رهواسين بنيادي سهولتن جي کوٽ خلاف احتجاج ڪيو.

انڊس هاءِ وي تي ڌرڻي سبب روڊ بلاڪ ڪيو ويو گاڏيون بيهجي ويون.

احتجاج ڪندڙن جو چوڻ آهي ته روڊ جي اڏاوتي ڪم سبب پاڻي ۽ گئس جي لائينون ٽوڙيون ويون.

ڳوٺن ۾ گذريل ٻن مھينن کان پاڻي ۽ گئس اڻلڀ آهي، بنادير بجلي ۽ گئس جو مسئلو حل ڪري پريشاني کان بچايو وڃي.

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.