تازہ ترین

ڀارتي اداڪار راج ببر جي پٽ پيءُ کي پنهنجي شاديءَ ۾ نه گھرايو

ممبئي (شوبز ڊيسڪ) بالي ووڊ اداڪار پرتيڪ ببر تازو ئي پنهنجي پراڻي گرل فرينڊ پريا بينرجي سان ٻي شادي ڪري ورتي، جنهن جا چرچا سوشل ميڊيا تي آهن.

ڀارتي ميڊيائي پورٽن موجب شادي جي تقريب پرتيڪ جي مرحومه ماءُ سميتا پاٽل جي ممبئي ۾ واقع رهائشگاهه تي رٿي وئي.

پر پرتيڪ جي ويڳي ڀاءُ آريا ببر هڪ تازي انٽرويو ۾ انڪشاف ڪيو ته سندس پيءُ راج ببر سميت ان جي ٻي ڪٽنب کي شاديءَ ۾ نه گھرايو ويو.

آريا مزاحيه انداز ۾ پنهنجي تازي اسٽينڊ اپ ڪاميٽي ائڪٽ دوران ببر خاندان جي ڪيترين ئي شادين جو حوالو ڏنو.

ببر ته شاديون ڪندا رهندا آهن؟ جي عنوان سان آريا هڪ مزاحيه تبصرو ڪندي چيو ته مان مڃان ٿو ته منهنجي پيءُ (راج ببر) ٻه ڀيرا شاديون ڪيون.

منهنجي ڀيڻ جون ٻه ڀيرا شاديون ٿيو، هاڻ منهنجي ڀاءُ جي ٻي شادي ٿي رهي آهي، ايستائين جو منهنجي ڪتي هيپي جون به ٻه گرل فرينڊون آهن.

ان لاءِ مون کي به ٻي شادي ڪرڻ ۾ ڪو اعتراض ناهي، پر مون کي طلاق کان ڊپ لڳندو آهي.

آريا اهو به ٻڌايو ته ڪيئن هن پنهنجي پيءُ راج ببر کان صلاح گھري ته پرتيڪ جي شادي ۾ دعوت نه ملڻ واري معاملي کي ميڊيا جي سوالن جو جواب ڪيئن ڏجي.

آريا پنهنجي پيءُ جي جواب بابت ٻڌائيندي چيو ته والد چيو ته ميڊيا کي چئو، ته مرد ته شاديون ڪندا رهندا آهن.

ياد رهي ته اداڪار پرتيڪ ببر ڀارتي ليجنڊ اداڪار راج ببر ۽ مرحومه اداڪارا سميتا پاٽل جو پٽ آهي، اداڪارا سميتا جي موت بعد راج ببر نادرا سان ٻي شادي ڪئي هئي.

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.