تازہ ترین

مصطفيٰ قتل ڪيس: جوابدار ارمغان جا ڇرڪائيندڙ انڪشاف

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچيءَ ۾ اغوا بعد قتل ڪيل نوجوان مصطفيٰ عامر ڪيس ۾ گرفتار مرڪزي جوابدار ارمغان غازيءَ جاچ دوران ڇرڪائيندڙ انڪشاف ڪيا آهن.

جاچ دوران جوابدار ارمغان انڪشاف ڪيو ته 6 جنوريءَ تي شيراز ۽ مصطفيٰ کي پنهنجي بنگلي تي سڏايو، مصطفيٰ جي بنگلي تي پهچڻ بعد مٿس تشدد ڪيو، مصطفيٰ تي تشدد دوران مان نشي ۾ هئس.

جاچ ڪندڙ عملدارن ٻڌايو ته جوابدار ارمغان جي نشاندهيءَ تي ڊفينس جي خيابان مومن ۾ واقع جوابدار جي بنگلي تي ڪارروائي ڪري، بنگلي جي گارڊ روم ۾ لڪايل لوهي راد برآمد ڪئي وئي آهي.

پوليس موجب جوابدار ارمغان لوهي راڊ سان مصطفيٰ تي 2 ڪلاڪن تائين تشدد ڪندو رهيو، جوابدار ٻڌايو ته تشدد دوران مصطفيٰ جي مٿي ۽ گوڏن مان رت وهڻ شروع ٿي ويو هو.

جاچ آفيسرن موجب جوابدار موجب مصطفيٰ جو رت وهڻ بعد مون کي شيراز روڪيو، شيراز جي مدد سان مصطفيٰ کي ان جي گاڏيءَ ۾ وجھي حب کڻي وياسين، جتي گاڏيءَ جا شيشا کولي مصطفيٰ ۽ گاڏيءَ تي پيٽرول هاريو.

جوابدار انڪشاف ڪيو ته مصطفيٰ کي چيو ته ڊڪي ۽ شيشا کليل آهن همت اٿئي ته ڀڄ، مصطفيٰ گاڏي مان نڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر گوڏن تي لوهي راڊ جا ڌڪ لڳڻ سبب هو چُري نه سگھيو.

جاچ آفيسرن وڌيڪ چيو ته جوابدار چيو ته گاڏيءَ کي باهه لڳڻ کان پوءِ شيراز مون کي اتان هلڻ جو چيو ۽ مان ۽ شيراز حب کان پنڌ نڪتاسين ۽ مختلف گاڏين ۾ لفٽ وٺي ڪراچي پهتاسين.

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.