تازہ ترین

اوپنر فخر زمان چيمپئنز ٽرافي کان ٻاهر ٿي ويو

ڪراچي (اسپورٽس ڊيسڪ) چيمپيئنز ٽرافيءَ جي افتتاحي ميچ ۾ فيلڊنگ دوران زخمي ٿيل ملڪي ٽيم جو اوپنر فخر زمان ٽورنامينٽ کان ٻاهر ٿي ويو آهي.

ملڪي ٽيم ڀارت جي خلاف 23 فيبروريءَ تي ٿيندڙ ميچ جي لاءِ ڪراچيءَ مان دبئي جي لاءِ اڄ رواني ٿي ويندي پر اوپنر فخر زمان دبئي ويندڙ ٽيم سان گڏ نه هوندو.

پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ به فخرزمان جي چيمپئنز ٽرافي کان ٻاهر ٿيڻ جو باضابطه اعلان ڪري ڇڏيو آهي جڏهن ته ان بابت ذريعن جو چوڻ آهي ته فخر زمان جي انجري سنجيده نوعيت جي آهي، فخر زمان ٽورنامينٽ ۾ وڌيڪ نه کيڏي سگھندو.

ذريعن موجب پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ طرفان متبادل رانديگر جي لاءِ آءِ سي سي جي ٽيڪنيڪل ڪميٽي سان رابطو به ڪيو ويو آهي ۽ پي سي بي فخر زمان جي جاءِ تي متبادل اوپنرن جي نالين تي غور ڪري رهي آهي.

ذريعن جو چوڻ آهي فخر زمان جي جاءِ امام الحق جو چيمپئنز ٽرافيءَ جي لاءِ پاڪستاني ٽيم ۾ شموليت جو وڏو امڪان آهي جنهن ڏکڻ آفريڪا خلاف وارم اپ ميچ ۾ 98 رنسون اسڪور ڪيون هيون.

فخر زمان چمپئنز ٽرافي جي افتتاحي ميچ ۾ نيوزيلينڊ خلاف فيلڊنگ ڪندي زخمي ٿيو هو.

چيمپيئنز ٽرافي جي پهرين ميچ ۾ فخر زمان جي انجريءَ سبب پاڪستان طرفان اوپننگ جي لاءِ بابر اعطم سان سعود شڪيل آيو هو جڏهن ته فخر زمان مڊل تي بيٽنگ لاءِ آيو هو.

گذريل ڏينهن کيڏيل افتتاحي ميچ ۾نيوزيلينڊ پاڪستان ٽيم کي پنهنجي ئي هوم گرائونڊ تي 60 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي هئي.

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.