اسلام آباد (نيشنل ڊيسڪ) پاڪستان ۽ قطر وچ ۾ منشيات جي روڪٿام لاءِ گڏيل سهڪار وڌائڻ تي اتفاق.
وفاقي گهرو وزير محسن نقوي ۽ قطر جي سفير علي مبارڪ علي عيسيٰ وچ ۾ ملاقات.
ملاقات دوران ٻه طرفن لاڳاپن ۽ مختلف شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
ٻنهي اڳواڻن جي وچ ۾ ملاقات دوران قطر ۾ قيد پاڪستاني شهرين جي آزادي تي به ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي.
محسن نقوي جو چوڻ هو ته قطر سان انتهائي ويجها لاڳاپا آهن، جلد قطر جو دورو ڪري هم منصب سان ملاقات ڪندس.