اسلام آباد (نيشنل ڊيسڪ) ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب چيو آهي ته پاڪستان ترقي ڪري رهيو آهي.
معاشي بحالي لاءِ قدم کنيا پيا وڃن، حڪومت معيشت جي سمورن شعبن ۾ بنيادي سڌارا ڪري رهي آهي، سڌارن سان ٽيڪس اوڳاڙين ۾ اضافو ٿيو.
ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب جو ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان ۾ معيشت درست رخ ۾ هلي رهي آهي.
وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ ان جي ٽيم ملڪي معاشي استحڪام لاءِ پرعزم آهن ۽ ڏينهن رات محنت ڪري رهي آهي.