ڪنري (ويب ڊيسڪ) پيپلز پارٽيءَ جي سينيئير سياستدان ۽ پراڻي ڪارڪن نواب يوسف ٽالپر جو مڙهه ڪنري پهچايو ويو، ماحول سوڳوار.
نواب يوسف ٽالپر جو مڙهه ڪراچيءَ مان سندس اباڻي ڳوٺ مانجھانڪر آندو ويو.
نواب يوسف ٽالپر جي جنازي نماز ۾ شرڪت جي لاءِ سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه، سنڌ جو سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعا ميمڻ، سنڌ ڪابينا جا ميمبر، پ پ جا اڳواڻ ۽ ٻيون سياسي، سماجي شخصيتو شريڪ.
نواب يوسف ٽالپر جي لاڏاڻي جي سوڳ ۾ ڪنري، سامارو ۽ ان جي ڀرپاسي وار اننڍا توڙي وڏا شهر بند آهن.
نواب يوسف ٽالپر جي لاڏاڻي تي پاڪستان پيپلز پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، صوبائي وزير فريال ٽالپر، صوبائي وزير ورڪس، سروسز ۽ جيل کاتو علي حسن زرداري، سنڌ جي سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ ۽ ٻين پاران ڏک جو اظهار ڪيو ويو آهي.