تازہ ترین

آرمي چيف پاران برطانيا جو دورو، 7 علائقائي استحڪام ڪانفرنس کي خطاب ڪندو

لنڊن (انٽرنيشنل ڊيسڪ) چيف آف آرمي اسٽاف جنرل عاصم منير برطانيا پهچي ويو جتي هو رائل ملٽري اڪيڊمي سينڊهرسٽ ۾ ستين علائقائي استحڪام ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندو.

آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير ڪانفرنس ۾ ”اڀرندڙ عالمي نظام ۽ پاڪستان جو مستقبل“ جي موضوع تي اهم خطاب ڪندو.

آءِ ايس پي آر موجب هيءَ ڪانفرنس پاڪ برطانيه عسڪري سطح تي مڪالمي جو هڪ اهم پليٽ فارم آهي، ڪانفرنس هر سال سهڪار کي هٿي ڏيڻ جي لاءِ منعقد ڪئي ويندي آهي.

آءِ ايس پي آر موجب ڪانفرنس ۾ ٻنهي ملڪن جي پاليسيون جوڙيندڙ، سول ۽ هٿياربند قيادت ۽ ٿنڪ ٽينڪس جا نمائندا شرڪت ڪندا آهن.

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.