واشنگٽن (انٽرنيشنل ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ روس سان جنگ شروع ڪرڻ جو يوڪرين تي الزام لڳائي ڇڏيو.
ميڊيائي رپورٽن موجب ٽرمپ يوڪرين جي صدر ولاديمير زيلنسڪي جي ان بيان بعد يوڪرين تي سخت تنقيد ڪئي جنهن ۾ هن چيو هو ته ”اها حيران ڪندڙ ڳالهه آهي ته ان جي ملڪ کي روس سان جنگ جي خاتمي لاءِ سعودي عرب ۾ ڳالهين جي لاءِ دعوت نه ڏني وئي آهي.“
آمريڪي صدر اهو چوندي ته هو يوڪرين جي ردعمل مان مايوس آهي، هن جنگ شروع ڪرڻ جي لاءِ يوڪرين تي الزام مڙهيندي چيو ته يوڪرين جنگ بنديءَ جو معاهدو پهريان به ڪري پي سگھيو.
ياد رهي ته روس پاران لڳ ڀڳ 3 سال اڳ يوڪرين تي حملي بعد جنگ کي جنم ڏنو هو.
ان کان اڳ اڱاري جي ڏينهن روسي پرڏيهي وزير سرگئي لاروف رياض ۾ آمريڪي پرڏيهي وزير مارڪو روبيو سان ملاقات ڪئي هئي، جنهن ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ حملي کان پوءِ پهريون ڀيرو اعليٰ سطح تي ڳالهه ٻول ٿي هئي ۽ جنگ جي خاتمي جي لاءِ ڳالهيون شروع ڪرڻ جي لاءِ ٽيمون مقرر ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو هو.
لاروف چيو هو ته سندس ملڪ ڪنهن به امن معاهدي جي تحت يوڪرين ۾ نيٽو ملڪن جي امن دستن کي قبول نه ڪندو، اها صلاح سومر تي پيرس ۾ نيٽو جي يورپي ميمبرن جي اجلاس ۾ پيش ڪئي وئي هئي.