ڪراچي (اسپورٽس ڊيسڪ) پاڪستان ۾ 29 سالن کان پوءِ آءِ سي سي ايوينٽ ٿي رهيو آهي، ايوينٽ جي اففتاحي تقريب ۾ خاص مهمان طور صدر مملڪت آصف علي زرداري ۽ خاتون اول بي بي آصفه ڀٽو زرداريءَ خصوصي شرڪت ڪئي.
پاڪستسان ۾ 29 سالن کان پوءِ ٿيندڙ چيمپئنز ٽرافيءَ جي افتتاحي ميچ ۾ پاڪستان نيوزيلنڊ خلاف پهريان فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو آهي.
ڪراچيءَ جي نيشنل اسٽيڊيم ۾ هيءَ ميچ ميزبان پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ جي وچ ۾ کيڏي پئي وڃي.
ميچ جي شروعات ۾ ٽاس جي موقعي تي ڳالهائيندي ملڪي ٽيم جي ڪپتان محمد رضوان چيو ته ٽيم ۾ هڪ تبديلي ڪئي وئي آهي، فهيم اشرف جي جاءِ تي فاسٽ بالر حارث رئوف کي ٽيم ۾ شامل ڪيو ويو آهي.
محمد رضوان چيو ته ٻي اننگز ۾ هتي ماڪ پوندي آهي، اسان دفاعي چيمپئن آهيون، ٿورڙو دٻاءُ پڻ محسوس ڪري رهيا آهيون.
ان کان سواءِ ڪيوي ڪپتان مچيل سينٽنر جو چوڻ هو ته ڪراچي اسٽيڊيم جي وڪيٽ سٺي لڳي رهي آهي، رات ۾ ماڪ پوندي، ٽيم ۾ فاسٽ بار ميٽ هنري جي واپسي ٿي آهي.
8 بهترين ٽيمن ۾چيمپئن بڻجڻ جي جنگ اڄ کان شروع ٿي وئي، پاڪستان ۽ ڀارت جي ٽيمن ۾ ٽڪراءُ 23 فيبروريءَ تي دبئي ۾ ٿيندي. ڪراچي، لاهور، راولپنڊي ۽ دبئي ۾ ڪرڪيٽ جا ست رنگي رنگ نکرجندا.