اسلام آباد (نيشنل ڊيسڪ) صدر آصف علي زرداريءَ چيو آهي ته سي پيڪ خطي ۾ واپار کي هٿي ڏيڻ جي لاءِ اهم منصوبو آهي، سي پيڪ خطي جي ترقيءَ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو.
اسلام آباد ۾ تقيب کي خطاب ڪندي صدر آصف علي زرداريءَ جو چوڻ هو ته پاڪ چين وچ ۾ مثالي دوستي آهي.
سموري دنيا ۾ واپاري سرگرميون تيز ٿي رهيون آهن، اسان جي خطي ۾ سي پيڪ ترقيءَ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو.