اسلام آباد (نيشنل ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته اسلام آباد جي خوبصورتي ۾ واڌ لاءِ وڌيڪ قدم کنيا پيا وڃن.
شهر ۾ ترقياتي منصوبا ڏسي خوشي ٿي پئي، گهٽ وقت ۾ منصوبا مڪمل ڪرڻ سٺو سنئوڻ آهي.
اسلام آباد ۾ تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته منصوبي ۾ انڊر پاسز ۽ يوٽرنز ٺاهيا ويا آهن.
ترڪ صدر کي منصوبي جون وڊيوز ۽ خط موڪليندس، پيغام موڪليندس ته پاڪستان ۽ ترڪي ڀائر ۽ بهترين دوست آهن.