تازہ ترین

چيمپئنز ٽرافي کٽڻ جي لاءِ محنت ڪريون پيا، ٽيم جو مورال بلند آهي: محمد رضوان

ڪراچي (اسپورٽس ڊيسڪ) ملڪي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان محمد رضوان جو چوڻ آهي ته چيمپئنز ٽرافي کٽڻ لاءِ محنت ڪري رهيا آهيون، ٽيم جو مورال بلند آهي ۽ ڪوشش ڪنداسين ته گذريل غلطين جو ورجاءُ نه ڪريون.

ڪراچيءَ ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي محمد رضوان چيو ته منهنجي ٽيم جو هر رانديگر ڪپتان آهي، مان صرف ٽاس ڪرڻ يا ميڊيا سان ڳالهائڻ جي لاءِ سامهون ايندو آهيان، اسان جي ٽيم ۾ هر رانديگر جي راءِ جو احترام ڪيو ويندو آهي.

محمد رضوان چيو ته چيمپئنز ٽرافيءَ جي لاءِ زور شور سان تياريون جاري آهن ۽ اسان فتح جي لاءِ پرعزم آهيون.

پاڪستاني ٽيم جي ڪپتان وڌيڪ چيو ته هڪ ٽيم طور اسان ۾ ڪجھه خاميون آهن جن کي دور ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون.

هن چيو ته بابراعظم سينيئر رانديگر آهي، ايندڙ ميچن ۾ اهو ئي اوپننگ ڪندو، اسان کي پروفيشنل ازم جي سخت ضرورت آهي.

هڪ سوال جي جواب ۾ محمد رضوان چيو ته سينيئر رانديگرن تي وڌيڪ ذميواري لاڳو ٿئي ٿي، جنهن جو کين مظاهرو ڪندي سٺي ڪارڪردگي ڏيکارڻ گھرجي.

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.