تازہ ترین

پشاور ۽ آسپاس 5.1 سختيءَ جي زلزلي جا لوڏا

پشاور (نيشنل ڊيسڪ) پشاور شهر ۽ ان جي آسپاس زلزلي جا سخت لوڏا محسوس ڪيا ويا،  خوف سبب ماڻهو ڪلمي جو ورد ڪندي گھرن ۽ آفيسن مان ٻاهر نڪري آيا.

زلزلو ماپيندر مرڪز موجب زلزلي جي سختي 5.1 رڪارڊ ڪئي وئي، جڏهن ته ان جو مرڪز افغانستان تاجڪستان جو سرحدي علائقو هو، زلزلي کان پوءِ فوري طور تي ڪنهن جاني ۽ مالي نقصان جو اطلاع نه مليو آهي.

ان کان اڳ اڄ صبح بلوچستان جي ضلعي زوب ۽ ان جي آسپاس ۾ به زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا.

زلزلو ماپيندڙ مرڪز موجب زلزلي جي اونهائي 4.22 ڪلوميٽر هئي، زلزلي جو مرڪز زوب کان 13 ڪلوميٽر اولهه طرف هو.

ياد رهي ته 3 ڏينهن اڳ وفاقي گادي واري هنڌ اسلام آباد، راولپنڊي ۽ آزاد ڪشمير ۾ به زلزلي جا سخت لوڏا محسوس ڪيا ويا هئا.

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.