اسلام آباد (نيشنل ڊيسڪ) جسٽس نعيم اختر افغان جا سپريم ڪورٽ جي آئيني بينچ ۾ فوجي ڪورٽن ۾ سويلينز جي ٽرائل خلاف انٽراڪورٽ اپيل جي ٻڌڻي دوران رمارڪس ڏيندي چيو ته عالمي اصولن ۾ ڪٿي ناهي لکيل ته سويلينز جو ڪورٽ مارشل نٿو ٿي سگهي.
درخواست گذار جي وڪيل سلمان اڪرم راجا چيو ته سويلينز جا بنيادي حق ختم ڪري ڪورٽ مارشل نٿو ڪري سگهجي.
عالمي اصولن جي گهرج آهي ته ٽرائل کليل عدالت ۾، آزاد ۽ شفاف ٿيڻ گهرجي، ٽرائل جا فيصلا پبلڪ ٿيڻ گهرجن.
جسٽس جمال مندوخيل سوال ڪيو ته جيڪڏهن عالمي اصولن تي عمل نه ڪيو وڃي ته نتيجو ڪهڙو هوندو؟
سلمان اڪرم راجا چيو ته عالمي اصولن تي عمل نه ڪرڻ جو مطلب آهي ته ٽرائل شفاف نه ٿيندو.