نيويارڪ (انٽرنيشنل ڊيسڪ) نائب وزيراعظم اسحاق ڊار چيو آهي ته پاڪستان کي پنهنجن پيرن تي بيهڻ ۾ 12 کان 15 سال لڳندا.
ملڪي معيشت بهتري طرف وڌي رهي آهي، هاڻي پاڪستان جي معاشي بهتري جي تعريف دنيا ڪري پئي.
مهانگائي جي شرح ۾ واضح گهٽتائي آئي آهي، ملڪ ڊفالٽ ٿيڻ کان بچايو.
نائب وزيراعظم اسحاق ڊار نيويارڪ ۾ اوور سيز پاڪستاني ڪميونٽي کي خطاب ڪندي چيو ته ملڪ آهي ته سياست آهي.
هو ملڪ لاءِ سياست کي داءُ تي لڳائڻو پيو ته لڳائي ڇڏيندا، ن ليگ بجلي جي لوڊشيڊنگ ختم ڪئي.
هن وڌيڪ چيو ته دهشتگردي جي خاتمي لاءِ وڏي رقم خرچ ڪئي وئي، ڪراچي کي روشنين جو شهر بڻايو آهي.