اسلام آباد (نيشنل ڊيسڪ) وفاقي وزير مصدق ملڪ چيو آهي ته انڊسٽريءَ جي ترقي ملڪي ترقي جو بنياد آهي، وڏيون ڪمپنيون سيڙپڪاري لاءِ باقاعدا ريسرچ ڪنديون آهن.
هن چيو ته سائنس کي هاڪاري مقصدن لاءِ استعمال ڪرڻ گهرجي، آئل سيڪٽر کي نئين انداز ۾ ڪم ڪرڻو پوندو.
مصدق ملڪ جو وڌيڪ چوڻ هو ته وزيراعظم جو خواب آهي ته پاڪستاني عزت جي زندگي گذارين، عوام کي باعزت روزگار جي فراهمي وزيراعظم جي خواهش آهي.