اسلام آباد (نيشنل ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس اڄ ٿيندو.
وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ ملڪي سياسي ۽ معاشي صورتحال تي ويچاريو ويندو.
وزيراعظم جي صدارت ۾ ٿيندڙ اهم اجلاس ۾ اِي سي سي ۽ ڪابينا ڪميٽين جي فيصلن جي منظوري پڻ ڏني ويندي.